آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گئس اگهن ۾ واڌ جونوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گئس
اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اوگرا موجب ماهوار 25
کان 90 مڪعب ميٽر تائين گئس جي پروٽيڪٽڊ صارفين لاءِ قيمت ناهي
وڌايو ويو پر پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ فڪس چارجز 10 مان وڌائي
400 رپيا ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته نان پروٽيڪٽڊ
گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي قيمت ۾ 172 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ
ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ماهوار 25 مڪعب ميٽر گئس جي قيمت 200
مان وڌائي 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. اوگرا
جي نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 60 مڪعب ميٽر گئس جي قيمت 300
مان وڌائي 600 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو، ماهوار 100 مڪعب ميٽر
گئس جي قيمت 400 مان وڌائي 1000 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر

ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ماهوار 150 مڪعب
ميٽر گئس جي قيمت 600 مان وڌائي 1200 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو،
جڏهن ته ماهوار 200 مڪعب ميٽر گئس جي قيمت 800 مان وڌائي
1600 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. اوگرا نوٽيفڪيشن
موجب ماهوار 300 مڪعب ميٽر گئس جي قيمت 1100 مان وڌائي
3000 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ ماهوار 400 مڪعب ميٽر گئس جي
قيمت 2000 مان وڌائي 3500 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي
وئي آهي. اوگرا چيو آهي ته تندورن لاءِ گئس جي قيمت 600 رپيا في
ايم ايم بي ٽي يو برقرار رکي وئي آهي ۽ پاور پلانٽن لاءِ به گئس قيمت
1050 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو برقرار آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سيمينٽ سيڪٽر لاءِ گئس جي قيمت
4400 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ سي اين جي سيڪٽر لاءِ گئس جي في
ايم ايم بي ٽي يو قيمت 3600 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ برآمدي صنعتن لاءِ گئس جي قيمت 2100 رپيا في ايم ايم بي
ٽي يو ۽ غير برآمدي صنعتن لاءِ گئس جي قيمت 2200 رپيا في ايم ايم
بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهيگئس جا نوان اگهه پهرين نومبر کان لاڳو
ٿيندا.

Read Previous

نگران حڪومت رجسٽرڊ افغان پناهگيرن لاءِ وڏو فيصلوڪري ورتو

Read Next

پاڪستان جي صدر سان انڊونيشيا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي ملاقات،ٻه طرفو لاڳاپن تي ڳالهيون

Most Popular