ڀارت ۾ سامونڊي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، عامر خان به ڦاسي پيو

چنئي (شوبز نيوز) ڀارت ۾ سامونڊي طوفان تباهي مچائي ڇڏي ۽ انهيءَ دوران ٻوڏ ۾ ڦاٿل اداڪار عامر خان کي ٻيڙي ذريعي ريسڪيو ڪرڻ جون تصويرون سامهون آيون آهن

ڀارتي رياست آنڌرا پرديش جي سامونڊي پٽي سان ميچونگ طوفان ٽڪرائجڻ کان پوءِ ڀارتي شهر چنئي ۾ طوفاني برساتون ٿي رهيون آهن جنهن زندگي جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ان طوفان سبب تامل ناڊو رياست ۾ به شديد برساتون ٿي رهيون آهن، ٻوڏ صورتحال ۾ هيل تائين 13 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي

اداڪار عامر خان ۽ تامل اداڪار وشنو وشال به ٻوڏ صورتحال سبب چنئي ۾ ڦاسي پيو هو جنهن کي مقامي اختيارين ٻيڙي ذريعي ريسڪيو ڪيو. اداڪار وشنو وشال ايڪس تي پنهنجي گھر جون تصويرون شيئر ڪيون جي چئني ڏسي سگھجي ٿو ته چئني پاسن کان پاڻي آهي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته پاڻي منهنجي گھر ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ ان جي سطح بري طرح سان وڌي رهي آهي

ان پوسٽ کان پوءِ وشنو وڌيڪ تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾ هن سان گڏ عامر خان به ٻيڙي ۾ سوارنظر آيو. پوسٽ ۾ تامل اداڪار ٻڌايو ته فائر اينڊ ريسڪيو ڊپارٽمينٽ جي مدد سان ٻيڙي ذريعي هو ان صورتحال کان ٻاهر نڪتا

ٻئي پاسي اداڪار وشنو وشال جي پوسٽ تي تامل ناڊو جي وزير ٽي آر بي راجا ردعمل ڏنو ۽ اداڪار کي مخاطب ڪندي چيو ته مون پاران تنهنجي برابر ۾ ويٺل سٺي شخص (عامر خان) جو به ٿورو مڃجو، ڇو جو هو هڪ سٺو انسان آهي ۽ هن پاڻ کي ريسڪيو ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به سفارش جو سهارو نه ورتو. وزير وڌيڪ لکيو ته عامر خان سفارش ڪرائڻ بدران عام شهرين جيان مدد جو انتظار ڪيو

Read Previous

آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي کي ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

Read Next

اڳوڻي فوجي آفيسر عادل راجا جي گرفتاري جي خبرن جي ترديد

Most Popular