آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي کي ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

امريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي کي ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو انڪشاف عافيه صديقي جي وڪيل ڪلائيو اسٽيفورڊ سمٿ طرفان ڪيو ويو

وڪيل ڪائيو اسٽيفورڊ سمٿ جو چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت  ڊاڪٽر عافيه سان ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جي واقعن کان آگاهه آهي، ڊاڪٽر عافيه  جي وڪيل ڪلائيو موجب کيس ڊاڪٽر عافيه جنسي زيادتي بابت ٻڌايو، جنهن بعد شڪايت داخل ڪئي وئي

هن چيو ته بگرام ۾ جنسي زيادتي جاچ حربي طور ڪئي وئي، ڊآڪٽر عافيه سان هر ڏينهن بدسلوڪي ۽ تشدد ڪيو وڃي ٿو

ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه گذريل ڏينهن پنهنجي ڀيڻ سان جيل ۾ ٻيو ڀيرو ملاقات ڪئي، ملاقات بعد وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر فوزيه صديقي جو چوڻ هو ته هن کي جيل ۾ عافيه جي حالت پهريان کان وڌيڪ خراب محسوس ٿي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ هن وٽ لفظ ناهن

Read Previous

نواز ليگ نين تڪ بندين خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

Read Next

ڀارت ۾ سامونڊي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، عامر خان به ڦاسي پيو

Most Popular