خيبر پختونخواهه جي سادن ماڻهن جي جذبن سان کيڏيو ويو: نواز شريف

نواز ليگ سربراهه نواز شريف چيو آهي ته خيبر پختونخواهه جو عوام هاڻي ڪنهن جي دوکي ۾ نه اچي، صوبي جي سادن ماڻهن جي جذبن سان کيڏيو ويو، توهان کي ڏٽو ڏنو ويو هاڻي توهان مون کي ڏٽو نه ڏجو، ائين نه ٿئي جو لنواري ٽنل مان ٺاهيان ۽ ووٽ وري ڪنهن ٻئي کي پون

ميان نواز شريف سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اعلانيل 50 لک گهرن مان ماڻهن کي ڪيترا گهر مليا، بلين ٽري جو وعدو ڇو پورو نه ڪيو ويو؟

هن چيو ته  مون کي ته ڪٿي به بلين ٽري جو نظارو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، اسان اقتدار ۾ اچي سموريون سهولتون عوام جي در تي پهچائينداسين

Read Previous

اليڪشن ڪميشن جو چونڊون 8 فيبروري تي ئي ڪرائڻ جو اعلان

Read Next

سنڌ ۾ چونڊن کان اڳ ئي فوج مقرر ڪرڻ جو اعلان

Most Popular