اليڪشن ڪميشن جو چونڊون 8 فيبروري تي ئي ڪرائڻ جو اعلان

عام چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، اِن ۾ ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت واضح ڪري ڇڏيو

ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ امن امان بابت اجلاس جاري ٿيل پڌرائي ۾ اليڪشن ڪمشن چيو آهي ته دهشتگردي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز باوجود چونڊ عمل نه روڪيو ويندو، سيڪيورٽي جا چئلينجز موجود آهن، پر اي سي پي مڪمل طور تيار آهي

دهشتگردي چونڊ عمل جي سڀ کان وڏي دشمن آهي، امن امان خراب ڪندڙن سان ڪابه نرمي نه ڪئي ويندي، پاڪ فوج جي مدد سان چونڊ عمل ۾ رُخنو وجهندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو

چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ امن امان بابت لاڳاپيل ادارن جي رپورٽ جو جائزو

اجلاس بعد نگران وفاقي گهرو وزير چيو ته چونڊن بابت ڪنهن جي ذهن ۾ خدشا آهن ته ڪڍي ڇڏي، اي سي پي ۽ نگران حڪومت گڏجي چونڊون ڪرائينديون، چونڊ عمل کي هر صورت ۾ منطقي انجام تي پهچايو ويندو

Read Previous

پنجاب ۾ نمونيا سبب صورتحال خراب، 8 ڏينهن دوران 100 کان وڌيڪ ٻار فوت

Read Next

خيبر پختونخواهه جي سادن ماڻهن جي جذبن سان کيڏيو ويو: نواز شريف

Most Popular