عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ 7-7 سال قيد جي سزا

اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ٻنهي تي 5-5 لک روپيا ڏنڊ به لاڳو، سينيئر سول جج قدرت الله اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي هلائيندي محفوظ ڪيل ڪيس ٻڌايو، سينيئر سول جج پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ  بي بي جي موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو، بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا 25 نومبر تي ڪيس داخل ڪرايو هو، خاور مانيڪا پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي عدت دوران نڪاح ۽ ناجائز لاڳاپن جا الزام لڳايا هئا، عدالت فرد جرم مان ناجائز لاڳاپن جو الزام ختم ڪري ڇڏيو هو، بشريٰ بي بي الزامن جي ترديد ڪندي چيو هو ته هن عدت جو مدو ختم ٿيڻ بعد ئي ٻيو نڪاح ڪيو هو

Read Previous

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد جميل خان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Read Next

عام چونڊن لاءِ سمورا انتظام مڪمل آهن، سيڪيورٽي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: مرتضيٰ سولنگي

Most Popular