سنڌ جي سمورين پولنگ اسٽيشنز تي پاڪ فوج جي مقرري مڪمل ٿي چڪي آهي: ڪور ڪمانڊر ڪراچي

ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار چيو آهي ته سنڌ جي سمورين پولنگ اسٽيشنز تي پاڪ فوج جي مقرري مڪمل ٿي چڪي آهي، سمورا فوجي جوان ۽ آفيسر پنهنجي ڊيوٽي وارن علائقن ۾ پهچي چڪا آهن

 ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار چونڊن بابت نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کي بريفنگ ڏني

صوبي ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ نگران وزيرن، چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين به شرڪت ڪئي

 آءِ جي سنڌ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهر ۾ ڦرلٽ ۽ چوري جي وارداتن ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي

نگران وڏي وزير چيو ته اسٽريٽ ڪرائيمز تي هر صورت ۾ ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، اسٽريٽ ڪرائيمز جا سماجي ڪارڻ حڪومت ٺيڪ ڪندي پر پوليسنگ بهتر هئڻ گهرجي

 آءِ جي پوليس چيو ته ڪچي واري علائقي جي کاٻي پاسي صورتحال بهتر ڪئي وئي آهي، 8 مهينن دوران ڀنگ لاءِ اغوا جا 170 ڪيس ٿيا، ان عرصي دوران تقريبن سمورا مغوي بازياب ڪرايا ويا

آءِ جي سنڌ پوليس چيو ته اڃا 4 مغوي  بازياب ڪرائڻا آهن، 8 مهينن دوران 13 ڌاڙيل به ماريا ويا، آءِ جي سنڌ صوبي ۾ پولنگ اسٽيشنز جي سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ به ڏني

Read Previous

گهوٽڪي ڀرسان هٿياربند چئن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

Read Next

اليڪشن مهم جو اڄ آخري ڏينهن: اميدوارن جون ڊوڙون: چونڊ نتيجا ڪيستائين ايندا حتمي وقت ڏيڻ ممڪن ناهي: اليڪشن ڪميشن

Most Popular