حيدرآباد: گهر جي ڇت ڪِرڻ سبب ٻارڙن سميت 3ڄڻا فوت، 2 زخمي

حيدرآباد (راسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ گهر جي ڇت ڪِرڻ سبب ٻارڙن سميت 3ڄڻا فوت ٿي ويا، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

قاسم آباد جي وحدت ڪالوني  ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، ٻارڙن سميت 3ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا،2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

قاسم سومرو جي گهر جي ڇِت ڪِرڻ بعد ريسڪيو ٽيم پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي ورتو

پوليس موجب فوتين ۾ معصوم ٻارڙو همدان،10سالن  جو محمد ڪيف ۽ 20 ورهين جو  شائز سومرو آهن

زخمين ۾ عبدالباسط ۽ نينگري مقدس شامل آهن، کين علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو

ان سلسلي ۾ زخمين جو چوڻ آهي ته مرمتي ڪم دوران گهر جي ڇِت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هي وڏو نقصان ٿيو آهي

Read Previous

ڪو ته اهڙو هجي منهنجا ڳوڙها اُگهي: شاعر سائينداد ساند جي طبيعت خراب، اسپتال داخل

Read Next

اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ 2ڌماڪا، 27 ڄڻا مارجي ويا، 40کان وڌيڪ زخمي

Most Popular