سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس منيب اختر مراد علي شاهه توهين عدالت جي ڪارروائي هلائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منيب اختر ڪراچي جي نالن واري ڪيس ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي جسٽس منيب اختر چيو ته مان بنيادي ڪيس به نه ٻڌي رهيو آهيان، ان ڪري توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي نه ٿو هلائي سگهان

جسٽس منيب اختر جي معذرت بعد جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٻي بينچ جڙڻ جا امڪان آهن

 ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر چيو ته نئين بينچ جوڙڻ جي درخواست چيف جسٽس کي اماڻي وئي آهي، اڄ ئي بينچ ٺهي وئي ته ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، اڄ بينچ نه ٺهي ته ڪيس جي ٻڌڻي جمعي ڏينهن ٿيندي

ڪراچي جي محمود آباد، اورنگي ۽ گجر نالي جي متاثرين کي معاوضا نه ملڻ تي اڳوڻي وڏي وزير خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي مقرر ڪئي هئي

Read Previous

اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ 2ڌماڪا، 27 ڄڻا مارجي ويا، 40کان وڌيڪ زخمي

Read Next

ملڪ ۾ سڀاڻي عام چونڊون: 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان پولنگ اسٽيشنز تي پهچايو ويو

Most Popular