سموري ملڪ ۾ 16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس قرار

سموري ملڪ ۾ 16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس قرار، حساس ترين پولنگ اسٽيشنز ٻاهران فوج مقرر هوندي

 سنڌ ۾ 4 هزار 430 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس قرار، سنڌ ۾ اهڙين پولنگ اسٽيشن تي 8 اهلڪار مقرر ٿيندا، پنجاب ۾ 5 هزار 624 پولنگ اسٽيشنز حساس ترين قرار ڏنيون ويون آهن

 پنجاب ۾ اهڙي هر پولنگ اسٽيشن تي 5 اهلڪار مقرر هوندا، خيبر پختونخواهه ۾ 4 هزار 265 پولنگ اسٽيشنز حساس ترين قرار، ڪي پي ۾ هر انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن تي 9 اهلڪار مقرر هوندا

بلوچستان ۾ هڪ هزار 47 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس قرار، بلوچستان ۾ به هر حساس ترين پولنگ اسٽيشن تي 9 اهلڪار مقرر هوندا

Read Previous

ملڪ ۾ سڀاڻي عام چونڊون: 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان پولنگ اسٽيشنز تي پهچايو ويو

Read Next

پولنگ واري ڏينهن سياسي جماعتن ۾ ٽڪراءَ جا اطلاع آهن، پوليس الرٽ آهي: آءِ جي سنڌ

Most Popular