انتشار مناسب  نه آهي، خواهش آهي ته چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻين: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 25 ڪروڙ آباديءَ واري اسرندڙ ملڪ لاءِ انتشار مناسب  نه آهي، خواهش آهي ته چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻين

آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪاميابيءَ سان چونڊون ٿيڻ تي قوم، نگران حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ سياسي جماعتن کي واڌايون ڏنيون آهن

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته عوام جي چونڊ عمل ۾ آزاداڻي شرڪت جمهوريت لاءِ هنن جي عزم جو ثبوت آهي، ميڊيا، سول انتظاميا ۽ عدليه جي تعميري ڪردار ڪاميابي سان قومي تاريخ جي سڀ کان وڏي چونڊ ٿيڻ کي يقيني بڻايو

آرمي چيف چيو ته دعا آهي ته هي چونڊون پاڪستان جي لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻين، چونڊون کٽڻ ۽ هارائڻ جو معاملو نه پر عوامي مينڊيٽ جي تعين جي مشق آهي

جنرل عاصم منير چيو ته چونڊون ۽ جمهوريت پاڪستان جي عوام جي خدمت جو ذريعو آهن، ڏکيائين باوجود چونڊن لاءِ محفوظ ماحول ٺاهڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سڀ کان وڌيڪ واکاڻ جا مستحق آهن

Read Previous

قومي اسيمبلي جي 265 مان 101 تڪن تي پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار ڪامياب

Read Next

پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي 12 ڪيسن ۾ ضمانت منظور

Most Popular