پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي 12 ڪيسن ۾ ضمانت منظور

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي واقعن جي 12 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪري ورتي

دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت جي جج ملڪ آصف ضمانت جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، پي ٽي آءِ جو وڪيل شيراز احمد رانجها عدالت آڏو پيش ٿيو

عدالت پراسيڪيوشن پاران مهلت ڏيڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي، ساڳي عدالت 9 مئي ڪيس ۾ شيخ رشيد جي ضمانت به منظور ڪري ورتي

شيخ رشيد کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت شيخ رشيد کي 2 لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي

Read Previous

انتشار مناسب  نه آهي، خواهش آهي ته چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻين: آرمي چيف

Read Next

سنڌ اسيمبلي جي 130 تڪن مان 84 تي پيپلز پارٽي ڪامياب، ايم ڪيو ايم 28 ۽ 14 سيٽون آزاد اميدوار کٽي ويا

Most Popular