ڪرمپور ڀرسان پوليو ورڪر نعيم ٻپڙ جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪرمپور (رپورٽر) ڪرمپور ڀرسان پوليو ورڪر نعيم ٻپڙ جي بازيابي لاءِ وارثن طرفان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو

ڳوٺ مهرو ماڙي واسي پوليو  ورڪر نعيم ٻپڙ جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ شهرين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

هفتو اڳ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪچي ۾ پوليو ٽيم سان گڏ ورڪ دوران نعيم ٻپڙ کي اغوا ڪيو ويو هو

ڌاڙيلن مغوي جون وڊيوز  سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون، پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون

مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي شڪارپور هفتو گذرڻ  باوجود نعيم ٻپڙ کي بازياب ڪرائڻ  بدران سکڻا دلاسا ڏئي رهي آهي، اسان جي ٻچڙي جي زندگي کي خطرو آهي

Read Previous

وڏي وزير، سنڌ پوليس ۾ 25 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو نه مليو، سپريم ڪورٽ جي صدارتي ريفرنس تي راءِ

Most Popular