ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو نه مليو، سپريم ڪورٽ جي صدارتي ريفرنس تي راءِ

اسلام آباد: (اربع: 06 مارچ 2024ع) ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس ڪيس ۾ سپريم ڪرٽ پنهنجي راءِ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ عدالت چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو حق نه ڏنو ويو.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بينچ ڪئي. جنهن ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدالت سڳوي جي راءِ ٻڌائي.

چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته سمورن ججز جي گڏيل راءِ آهي. ججز بنا ڪنهن فرق جي فيصلو ڪن ٿا. عدليه ۾ خود احتسابي ٿيڻ گهرجي. عدليه ماضي جي غلطين کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ اڳيان نٿي وڌي سگهي. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٽرائل فوجي آمر ضياءُالحق جي دور ۾ ٿيو.

سپريم ڪورٽ جي راءِ موجب صدر طرفان ريفرنس اماڻيو ويو. جنهن کان پوءِ جي حڪومتن واپس نه ورتو. ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٽرائل ۽ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل ۾ بنيادي حقن کي آڏو نه رکيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو حق نه ڏنو ويو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدالت سڳوي جي صدارتي ريفرنس تي راءِ ٻڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ٻيو سوال بنا راءِ ڏيڻ جي واپس اماڻي ڇڏيو. ٻئي سوال ۾ قانوني سوال نه اٿاريو ويو. سپريم ڪورٽ ٽئين ۽ پنجين سوال جو جواب گڏ ڏنو. سپريم ڪورٽ شاهدين جو ٻيهر جائزو نٿي وٺي سگهي. تفصيلي راءِ ۾ شاهدين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ تفصيل جاري ڪنداسين.

عدالت سڳوري پنهنجي راءِ ۾ چيو ته ڀٽو جي خلاف هلايل ٽرائل آئين موجب نه هو. ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو حق نه ڏنو ويو. ريفرنس ۾ چوٿون سوال پڇيو ويو ته ڀٽو کي ڏنل سزا اسلامي تعليمات  جي موجب هئي؟  انهي سوال تي اسان جي مدد ئي نه ڪئي وئي. 9 رڪني لارجر بينچ چوٿين سوال تي راءِ ناهي ڏني. اهو معاملو مفاد عامه جو آهي. تفصيلي راءِ بعد ۾ ڏني ويندي.

ٻڌڻي جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو جيڪو صدارتي ريفرنس  تي سپريم ڪورٽ جي راءِ ٻڌڻ کان پوءِ عدالت جي ڪمري ۾ روئڻهارڪو ٿي ويو.

Read Previous

ڪرمپور ڀرسان پوليو ورڪر نعيم ٻپڙ جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

Read Next

پنجاب جي 18 رڪني ڪابينه عهدي جو حلف کڻي ورتو

Most Popular