حسن ۽ حسين نواز احتساب عدالت ۾ پيش، گرفتاري وارنٽ ملتوي، ضمانت منظور

اسلام آباد: (خميس: 14 مارچ 2024ع)   اسلام آباد جي احتساب عدالت نوازشريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جا گرفتاري وارنٽ ملتوي ڪري ڇڏيا.

حسن نواز ۽ حسين نواز العزيزي، فليگ شپ ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيا. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا حسن ۽ حسين نواز جا گرفتاري وارنٽ ملتوي ڪندي ان جي حاضري لڳائڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کان ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪيستائين پاڪستان ۾ آهيو، جنهن تي حسين نواز جواب ڏنو ته مان اڃان پاڪستان ۾ آهيان، سندس وڪيل استدعا ڪئي ته ڪيس کي سڀاڻي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. عدالت چيو ته استغاثه کي تياري لاءِ ٿورو وقت ڏيو، سڀاڻي ته هونئن به هي نه ايندا، پليڊر مقرر ٿي چڪو آهي. عدالت 50-50 هزار روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته احتساب عدالت 2017 کان لاڳيتو غير حاضر رهڻ تي حسن نواز ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏنو هو. احتساب عدالت سريندر ڪرڻ جي لاءِ حسن ۽ حسين نواز جا دائمي وارنٽ معطل ڪري رکيا هئا.

ان موقعي تي حسين نواز صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته 12 آڪٽوبر تي سياسي انتقام جي شروعات ٿي؟ مون کي وزيراعظم هائوس مان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ڪيترائي مهينا قيد رکيو ويو. نيب ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن. عمران خان کي فيئر ٽرائل جو حق ملڻ بابت سوال تي حسين نواز چيو ته هر ڪنهن کي شفاف ٽرائل جو حق ملڻ گهرجي.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر کي سفير بنائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

Read Next

گذريل حڪومت جي هدف کان ٻيڻ تي وڻ پوکينداسين: وزيراعظم

Most Popular