گذريل حڪومت جي هدف کان ٻيڻ تي وڻ پوکينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: (جمعو: 15 مارچ 2024ع) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ موسمي خطرن جي سڀ کان وڌيڪ شڪار ملڪن ۾ پنجين نمبر تي آهي، موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ آگاهي ضروري آهي، ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي رڳو 5 سيڪڙو آهي، هلندڙ سال ٻوٽا لڳائڻ جو هدف ٻيڻو ڪيو ويندو.

اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪندي ڪيو.

وزيراعظم ٻوٽو لڳائي مهم جي شروعات ڪئي ۽ چيو ته گذريل حڪومت سڄي ملڪ ۾ وڻ پوکڻ جو جيڪو هدف مقرر ڪيو هو، اسان ان جو انگ ٻيڻو ڪنداسين.ا

سندس چوڻ هو ته 1999 کان 2018 دوران موسمياتي تبديلين سبب 10 هزار قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ معيشت کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو، تعليمي ادارن ۾ به ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

شهباز شريف چيو ته سڄي قوم ماحولياتي خطرن کان بچڻ ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺي.

Read Previous

حسن ۽ حسين نواز احتساب عدالت ۾ پيش، گرفتاري وارنٽ ملتوي، ضمانت منظور

Read Next

9 مئي واقعن ۾ ملوث ملڪ دشمن پارٽي پاڪستان جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهي آهي: عطا تارڙ

Most Popular