سنڌ سرڪار جو صوبي ۾ اڄ کان منشيات فروشن خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان

سنڌ ۾ اڄ کان منشيات فروشن خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صوبي ۾ اڄ کان منشيات جي ڪاروبار خلاف انتهائي سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ پيا وڃون، عوام ۽ ميڊيا کي ڪريڪ ڊائون ۾ سهڪار جي اپيل ڪيون ٿا

شرجيل ميمڻ چيو ته ميرپورخاص ۾ به جلد پيپلز بس سروس شروع ڪنداسين، ڪراچي ۾ عورتن جي لاءِ مخصوص پنڪ بسز جو انگ به وڌايو ويندو، ڪراچي ۾ عيد کانپوءِ نون روٽس تي وڌيڪ بسون هلڻ شروع ٿي وينديون

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو حڪم آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ عوام جي سهولت لاءِ بس سروس شروع ڪئي وڃي

Read Previous

شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو پٽ کي جنم ڏنو

Read Next

ڪرمپور ويجهو ڪجهه ڏينهن اڳ بندوق کڻي اسڪول ويندڙ استاد قتل

Most Popular