حيدرآباد ۾ قتل ٿيل يسريٰ جي ڀاءُ آڪاش پٺاڻ دم ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد ۾ جنوني جوابدار کان ڀيڻ کي بچائڻ جي ڪوشش دوران مرڻينگ ٿيل نوجوان آڪاش پٺاڻ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو

ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار ارشاد کوکر قانون جي شاگردياڻي يسريٰ پٺاڻ تي فائرنگ ڪرڻ بعد پاڻ تي به فائر ڪري آپگهات ڪيو هو

واقعي دوران ڀيڻ کي بچائڻ جي ڪوشش دوران آڪاش پٺاڻ به گوليون سان پروڻجي ويو هو

 آڪاش پٺاڻ کي مرڻينگ حالت ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، سنڌ حڪومت سرڪاري خرچ تي آڪاش جو علاج ڪرائي رهئي

اڄ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ آڪاش دم ڏنو، ياد رهي ته يسريٰ پٺاڻ جي وارثن طرفان پوليس جي سست رفتاري واري جاچ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي، پوليس جي جاچ تي اعتماد ناهي

Read Previous

مريم نواز پاران صوبي جي سمورن قيدين جي سزا 3 مهينا گهٽائڻ جو اعلان

Read Next

افغانستان: بس ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ زوردار ٽڪر، 21 ڄڻا اجل جو شڪار

Most Popular