سنڌ جا 41 لک ٻار اسڪولن مان اڃا ٻاهر ڇو آهن؟ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اهم اجلاس

سنڌ جا 41 لک ٻار اسڪولن مان اڃا ٻاهر ڇو آهن؟ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رهجي ويل ٻارن کي اسڪولن ۾ واپس آڻڻ بابت اهم اجلاس، تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، پرنسپل سيڪريٽري، اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري ۽ ٻين جي شرڪت

 وڏي وزير مراد علي شاهه پاڪستان انسٽٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي رپورٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ 26 ڏهائي 2 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، رپورٽ موجب سنڌ جا 70 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، مان چاهيان ٿو ته سنڌ جا اسڪولن کان ٻاهر لکين ٻار به تعليم حاصل ڪن

 تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته سنڌ ۾ 70 لک نه پر 41 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، سنڌ جا هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن

 تعليم واري وزير يونيسيف جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته 20 سيڪڙو ٻار غربت، 15 سيڪڙو ٻار ڇوڪرين جا اسڪول نه هئڻ ۽ 14 سيڪڙو ٻار اسڪول گهرن کان پري هئڻ سبب نه پيا پڙهن

 وڏي وزير چيو ته سبب ڪهڙا به هجن اسان کي انهن جو حل ڪڍي ٻارن کي اسڪول ۾ آڻڻو آهي، سمورن پرائمري اسڪولن کي اپ گريڊ ڪري پوسٽ پرائمري اسڪول ڪيو وڃي، ننڍن اسڪولن کي وڏن اسڪولن سان ڳنڍيو وڃي، ٻوڏ دوران تباهه ٿيل اسڪولن جي مرمت جلد مڪمل ڪئي وڃي

Read Previous

جيڪو سچ ڳالهائي ٿو ان سان اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو 6 ججز سان ٿي رهيو آهي: چيف جسٽس

Read Next

وڏي وزيرگم ٿيل 29 شهرين جي خاندانن لاءِ مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي: گهرو کاتو

Most Popular