سعودي ولي عهد جو رمضان کان پوءِ پاڪستان جي دوري جو امڪان

راولپنڊي: (سومر: 18 مارچ 2024ع)  سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جو رمضان المبارڪ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جي دوري جو امڪان آهي.

سعودي ولي عهد پهريون پرڏيهي حڪومتي سربراهه ٿي سگهي ٿو جيڪو پاڪستان ۾ نئين چونڊيل حڪومت اچڻ کان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ شهباز شريف شهزادي محمد بن سلمان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي جنهن تي سعودي ولي عهد وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو.

ان کان اڳ شهزادو محمد بن سلمان 2019 ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو هو.

Read Previous

افغانستان: بس ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ زوردار ٽڪر، 21 ڄڻا اجل جو شڪار

Read Next

لانگ مارچ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪيس، عمران خان ٻن ڪيسن مان بري

Most Popular