ڪنڌڪوٽ ويجهو استاد ۽ سندس والد کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي زخمي

ڪنڌڪوٽ ويجهو هٿياربندن پاران استاد ۽ سندس والد کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  مزاحمت تي سخت زخمي

اوڳاھي لاڙي وٽ هاءِ اسڪول حامد بھلڪاڻي جي استاد عبدالرحيم باجڪاڻي ۽ سندس والد علي گوهر کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

مزاحمت تي فائرنگ ۾ استاد عبدالرحيم مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، سندس والد تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو

زخمي استاد جو چوڻ هو ته هٿياربندن موٽرسائيڪل کي به  گوليون هنيون، فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا

جاري ٿيل وڊيو ۾ استاد جو چوڻ هو ته افسوس جو مقام آهي ته پوليس وارن جا لفظ ٻڌو ته هو چون ٿا ته اوهان جا ذاتي مسئلا آهن، ذاتي مسئلن جي ڪري اوهان تي حملا ٿين ٿا

Read Previous

جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار

Read Next

دادو ۾ هٿياربندن هٿان پيءُ معصوم پٽ سامهون گوليون هڻي قتل

Most Popular