حيدرآباد ۾ پوليس سان ٻن ڌار ڌار مبينا مقابلن دوران هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ هڪ زخمي

حيدرآباد ۾ پوليس سان ٻن ڌار ڌار مبينا مقابلن دوران هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ هڪ زخمي، پوليس موجب لطيف آباد نمبر 7 ۾ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو، مقابلي دوران گوليون لڳڻ سبب سيد ساجد شاهه نالي ڦورو مارجي ويو، ٽنڊو يوسف قبرستان ويجهو به پوليس پاران مقابلي دوران جوابدار اسد ڪوهاٽي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ اسد ڪوهاٽي زخمي ٿي پيو، زخمي ٿيل جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

Read Previous

سنڌ پوليس ٺل ويجهو اغوا ٿيل فضيلا سرڪي کي 17 سال گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي

Read Next

گڊو ۾ جوابدر مڙس زال جو ڳلو ڪپي ڇڏيو

Most Popular