تائيوان ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويون، سونامي الرٽ جاري

تائي پي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تائيوان ۾ زلزلي جي لوڏن سبب زمين لڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي وڃڻ سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته سونامي جو الرٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب تائيوان جي گادي واري شهر تائي پي ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 7.5 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جا جهٽڪا چيني صوبي فوجيان ۾ به محسوس ڪيا ويا جنهن کان پوءِ شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.

م

اختيارين موجب زلزلي جو مرڪز هوالين کان تقريبن 18 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۽ تائي پي کان 138 ڪلو ميٽر پري سمنڊ هو، زلزلو مقامي وقت موجب اربع جي صبح تقريبن 8 وڳي آيو، جهٽڪا جاپان، شنگهائي، سوزو، شينزين، گوانگ زو ۽ شانتو ۾ به محسوس ڪيا ويا.

شروعاتي رپورٽن موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويون آهن. عمارتن جي ملبي هيٺيان دٻجي وڃڻ سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو امڪان آهي. زلزلي کان پوءِ تائيوان جي گادي واري شهر تائي پي جا ڪيترائي علائقا بجلي کان محروم ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري اتان جي عوام کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

تائيوان جي اختيارين زلزلي کان پوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي، ريسڪيو اهلڪارن متاثر علائقن ۾ پهچي امدادي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته اسپتالن ۾ به ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته سيپٽمبر 1999 ۾ تائيوان ۾ 7.6 شدت جو زلزلو آيو هو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 2 هزار 400 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

Read Previous

سرحد پوليس ۽ رينجرز جو ڪچي ۾ گڏيل آپريشن، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو

Read Next

عدليه ۾ مداخلت: اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، هاڻ سپريم ڪورٽ فيصلو ڪندي: وزيراعظم

Most Popular