گهوٽڪيءَ جي ڪچي ۾ ويل 2 مستري چئن ڏينهن کان لاپتا، اغوا جو شڪ ظاهر

گهوٽڪيءَ جي ڪچي ۾ ويل 2 مستري چئن ڏينهن کان لاپتا، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته ٻه مستري امجد ۽ اسد سومرو ڪچي ۾ ٽرئڪٽر ٺاهڻ لاءِ ويا ته واپس نه موٽيا، سندن گهرن ۾ روڄ راڙو متل

مبينا طور اغوا ٿيل نوجوانن جي وارثن جو چوڻ آهي ته 4 ڏينهن اڳ منير ۽ ساجد ڀَيرِي نالي همراهن ڪال ڪري ٻنهي کي ٽرئڪٽر ٺاهڻ لاءِ گهرايو

وارثن موجب ٻئي مستري ڪچي ۾ ويا ته واپس نه موٽيا، منير ۽ ساجد ٻڌايو ته مستري ٽرئڪٽر ٺاهي واپس هليا ويا هئا

وارثن ٻڌايو ته امجد ۽ اسد کي رستي تان ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي

وارثن پاران آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان جلد بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو آهي

Read Previous

سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي ايڪس بند ڪرڻ بابت لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

نيب نواز شريف کي بري ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

Most Popular