ايراني صدر ڪراچي پهچي ويو، گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير آجيان ڪئي

ڪراچي: (اڱارو: 23 اپريل 2024ع) ايران جو صدر ابراهيم رئيسي ڪراچي پهچي ويو، جتي سندس سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير آجيان ڪئي.

ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي.  سنڌ جي گورنر معزز مهمان جي ڪراچي پهچڻ تي سندس ٿورو ادا ڪيو.

قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري، صوبائي وزيرن عذرا پيچوهو، شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيد ناصر حسين شاهه به ايراني صدر جو استقبال ڪيو.

ايراني صدر جي لاهور کان خصوصي جهاز ذريعي ڪراچي پهچڻ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.دوري دوران ابراهيم رئيسي قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏيندو. هو قائداعظم جي مزار تي حاضري کان پوءِ وزيراعليٰ هائوس پهچندو جتي معزز مهمان جي وڏي وزير ۽ سنڌ ڪابينه جي ميمبرن سان ملاقات ٿيندي.

Read Previous

ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي وزيراعظم هائوس آمد، گارڊ آف آنر پيش

Read Next

سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جو ڪيس سکر کان نوابشاهه منتقل

Most Popular