سنڌ ڪابينا طرفان رينجرز جي ڪراچي ۾ مقرري واري مدي ۾ وڌيڪ 180 ڏينهن جي واڌ جي منظوري

سنڌ ڪابينا رينجرز جي ڪراچي ۾ مقرري واري مدي ۾ وڌيڪ 180 ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

 رينجرز کي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997 تحت اختيار حاصل رهندا، رينجرز جي مقرري جي مدي ۾ 13 جون کان 9 ڊسمبر 2024 تائين نئين واڌ ڪئي وئي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻين به اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي

 ٿر ڪول انرجي بورڊ ۾ ڪابينا جا 4 نوان ميمبر شامل ڪرڻ جو فيصلو، شازيه مري، سردار شاهه، ڄام خان شورو ۽ ڪرني سنگهه ٿر ڪول انرجي بورڊ جا نوان ميمبر هوندا

 صوبائي ڪابينا سپريو بند، خدابخش واهه ۽ رائيس ڪينال ڊويزن ۾ مرمتي ڪم جي منظوري به ڏني، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ اوورسيز ڪميٽي جي جاءِ تي گورننگ باڊي ٺاهڻ جي منظوري به ڏني وئي

Read Previous

نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڊيڊ لاڪ ختم، ٻنهي پارٽين ۾ عوام جي خدمت لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

Most Popular