پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڊيڊ لاڪ ختم، ٻنهي پارٽين ۾ عوام جي خدمت لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڊيڊ لاڪ ختم، ٻنهي پارٽين ۾ عوام جي خدمت لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق، صدر آصف زرداري سان متحده وفد جي ملاقات جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

ذريعن موجب اجلاس ۾ نواز ليگ جي رويي سبب متحده پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي، صدر سان ملاقات بعد پ پ ۽ متحده وچ ۾ ڊگهي عرصي سان جاري ڊيلاڪ ختم ٿي ويو

وزيراعليٰ هائوس جي پڌرائي موجب صدر سان ملاقات ڪندڙ متحده وفد ۾ خالد مقبول صديقي، فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال شامل هئا، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه به ملاقات ۾ شريڪ هئا

متحده وفد پاران ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ڳڻتي جو اظهار، صدر آصف زرداري چيو ته سنڌ ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ سمورين ڌرين کي گڏ کڻي هلنداسين، امن جي بحاليءَ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، امن امان جي بحاليءَ لاءِ ئي هتي آيو آهيان

صدر آصف زرداري ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، متحده وفد آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ تي واڌايون به ڏنيون

Read Previous

سنڌ ڪابينا طرفان رينجرز جي ڪراچي ۾ مقرري واري مدي ۾ وڌيڪ 180 ڏينهن جي واڌ جي منظوري

Read Next

جي يو آءِ جو اڄ ڪراچي ۾ ملين مارچ، قافلن جي آمد جاري، فضل الرحمان به پهچي ويو

Most Popular