جي يو آءِ جو اڄ ڪراچي ۾ ملين مارچ، قافلن جي آمد جاري، فضل الرحمان به پهچي ويو

جي يو آءِ پاران اڄ ڪراچي ۾ اعلانيل ملين مارچ جون تياريون مڪمل، مختلف شهرن مان قافلن جي آمد جو سلسلو جاري، مولانا فضل الرحمان ڪراچي پهچي ويو

 مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ جي يو آءِ جي مرڪزي ڊجيٽل سيل جو اجلاس، مولانا راشد محمود سومرو ۽ محمد اسلم غوري سميت چئني صوبن جي نمائندن جي شرڪت

جي يو آءِ اڳواڻ سميع سواتي جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان اڄ ڪراچي ۾ عوامي اسيمبلي جي عنوان سان ٿيندڙ جلسي کي خطاب ڪندو

 مزار قائد وٽ ٿيندڙ جلسي لاءِ پيپلز چورنگي کان نيو ايم اي جناح روڊ کي عوام لاءِ پنڊال بڻايو ويو آهي، مولانا فضل الرحمان جلسي جي انتظامن بابت اهم هدايتون جاري ڪيون

Read Previous

پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڊيڊ لاڪ ختم، ٻنهي پارٽين ۾ عوام جي خدمت لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

Read Next

ڪراچي: ڪروڙين جي ماليت جي سون جي اسمگلنگ ناڪام

Most Popular