پاڪستان آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: (اربع: 29 مئي2024ع) پاڪستان آءِ ايم ايف سان ٽن سالن جي نئين معاهدي لاءِ باظابطا ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ ايم ايف سان 3 سالا نئين قرض پروگرام لاءِ باظابطا ڳالهيون شروع ڪيون ويون آهن.

رپورٽ موجب، آءِ ايم ايف قرض پروگرام مستحڪم پاليسي لاءِ انتهائي اهم آهي ڇو ته قرض پروگرام ذريعي پرڏيهي سيڪٽر مستحڪم ٿيندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌندي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال ترسيلات زر، برآمدات، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري، ملڪي ناڻي جي مٽا ساٽا ذخيرن، ايف بي آر اوڳاڙين ۽ نان ٽئڪس آمدني ۾ واڌ ٿي آهي.

رپورٽ موجب، ڏهن مهينن دوران ايف بي آر اوڳاڙين ۾ 30 ڏهائي 6 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ هلندڙ مالي سان نان ٽئڪس آمدني ۾ 94 ڏهائي 8 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

ان کانسواءِ هلندڙ مالي سال رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي ۽ مهانگائي گهٽي آهي ، مئي دوران مهانگائي جي شرح 13.5 کان 14.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 10 مهينن دوران 93.1 سيڪڙو ۽ مٽاسٽا ذخيرن ۾ 10 مهينن دوران 5 ارب ڊالرز تائين واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته هڪ سال دوران رپئي جي قدر ۾ نوَ رپيا واڌ ٿي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال خساري دوران 26 ڏهائي 8 سيڪڙو واڌ ٿي جڏهن ته مهانگائي جي شرح 28 ڏهائي 2 سيڪڙو گهٽجڻ بعد 26 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

Read Previous

وفاقي حڪومت گم ٿيل شاعر احمد فرهاد جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي

Read Next

نوازشريف ۽(ن) ليگ جي سياست سان اتفاق نٿو ڪريان: شاهد خاقان عباسي

Most Popular