نوازشريف ۽(ن) ليگ جي سياست سان اتفاق نٿو ڪريان: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: (اربع: 29 مئي2024ع) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جنهن سياست جي چونڊ ڪئي آهي انهي سان اتفاق نٿو ڪريان.

اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهين دوران هن چيو ته صدر(ن) ليگ نوازشريف جي سياست سان اتفاق نٿو ڪريان، نوازشريف جي مهرباني آهي ته هن نالو ورتو، ان سان 35 سالن جو ذاتي تعلق اڄ به موجود آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته نوازشريف ذميوار ماڻهو آهي، ان سان تعلق رهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين آڻڻ وارا چاهيندا حڪومت هلندي، ڪنهن جي لاءِ ماحول ٺاهڻ جي حق ۾ نه آهيان عوام جي راءِ جي حق ۾ آهيان.

ان کان اڳ اسلام آباد ۾ آئل اينڊ گيس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت طرفان فيصلا نه ڪرڻ سان انرجي سيڪٽر تباهي جي ڏهاڪي تي پهچي وئي آهي. ايل پي جي طلب ۾ اضافو ٿيو ڇو ته قدرتي گيس نه آهي. ايل پي جي طلب ۾ اضافو ٿيو ڇو ته قدرتي گيس نه آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته منهنجي ڳوٺ ۾ ماڻهو سلينڊر استعمال ڪندا آهن ڇو ته 7000 هزار في ايم ايم بي ٽي يو آهي. شهري علائقا 150 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو استعمال ڪندا آهن.

شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته مون تجويز ڏني هئي ته ٽينڪرز کي پئسا ادا ڪري بند ڪريون ٿا ۽ پائپ لائن استعمال ڪريون ٿا. دنيا ۾ پيٽروليم سيڪٽر ڊي ريگوليٽ هوندو آهي. پاڪستان ۾ به پيٽروليم سيڪٽر ڊي ريگوليٽ هجڻ گهرجي.

Read Previous

پاڪستان آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون

Read Next

سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد جي شير افضل مروت سان دبئي ۾ ملاقات

Most Popular