ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ پاڻي ۾ ڦاٿل شهرين کي ڪڍڻ لاءِ ٻيڙيون هلائڻيون پئجي ويون

ڪراچي: ڪراچي ۾ چوماسي جي برساتن حڪومتي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. سرجاني ٽائون جي مختلف علائقن ۾ برسات جو پاڻي 3 ڏينهن  گذرڻ کان پوءِ به نه نڪري سگهيو. پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ ٻيڙيون هلائڻيون  پئجي ويون. برسات کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي هنڌن جا روڊ ويهي ويا. کڏا پوڻ، ڪيچڙ ۽ ڪچري جي ڍيرن سبب شهرين کي سخت پريشانين  کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته برسات جي موسم ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ سيوريج جي لائنن جي لاءِ کوٽائي وڌيڪ پريشانين کي وڌائي ڇڏيو آهي. ڪراچي آهي ته سڀني جو پر ڪراچي جو ڪوبه ناهي. اها صدا آهي  برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل ان شهرين جي جن جو مال  ۽ ٻيون قيمتي شيون برسات جي ٽن ڏينهن کان پوءِ به پاڻي ۾ ٻڏل آهن. ٻوڏ واري علائقي جو منظر پيش ڪندڙ سرجاني ٽائون ۾ بسم الله ٽائون، يوسف ڳوٺ، سيڪٽر بي ۽ سي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي برساتي پاڻي اڃان به موجود آهي ۽ علائقا رهڻ جي قابل نه آهن.  علائقي مان لڏ پلاڻ جي لاءِ رينجرز جون ٽيمون رات دير تائين شهرين جي مدد ۾ مصروف رهيون جڏهن ته پاڪ فوج، رينجرز ۽ ٻين امدادي ادارن طرفان راشن به پهچايو پيو وڃي. سرجاني کان علاوه برسات سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ اورنگي ٽائون، نيو ڪراچي، ناگن چورنگي به شامل آهن جتي گهرن ۾ پاڻي اچڻ سبب قيمتي سامان کي نقصان پهتو. جڏهن ته دڪانن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب لکين روپين جي ماليت جو سامان خراب ٿي ويو.  هوڏانهن گذريل ڏينهن برسات رڪڻ جي ٻن ڏينهن بعد عوامي اڳواڻن کي عوام جو خيال آيو ته عوام جو صبر جواب ڏئي  ويو. پ پ اڳواڻ شهلا رضا ناگن چورنگي پهتي ته شهرين ان کي گهيري ۾ آڻي شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. جڏهن ته شهرين بنيادي سهوليتن جي کوٽ تي ناگن چورنگي تي ڌرڻو به ڏنو. سرجاني ٽائون پهچندڙ تحريڪ انصاف جي ايم اين اي آفتاب جهانگير جي اچڻ تي به شهرين احتجاج ڪري کين واپس وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

Read Previous

گذريل ٻن سالن دوران حڪومتي قرض ۾ پنجيتاليهه سيڪڙو واڌ

Read Next

سلطانپور ٿاڻي تي غيرقانوني طور حراست ۾ رکيل فيصل آباد واسي نوجوان فوت، پنج اهلڪار لاڪ اپ

Most Popular