سلطانپور ٿاڻي تي غيرقانوني طور حراست ۾ رکيل فيصل آباد واسي نوجوان فوت، پنج اهلڪار لاڪ اپ

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل لڳ سلطانپور ٿاڻي تي غيرقانوني طور حراست ۾ رکيل فيصل آباد واسي نوجوان فوت، ايس ايس پي سکر واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، 5 پوليس اھلڪارن مٿان اغوا ۽ قتل جو ڪيس داخل، ايف آءِ آر ۾ مقتول جي ماءُ ۽ 2 ڀينر بہ نامزد.  پنوعاقل ڀرسان سلطانپور ٿاڻي جي اھلڪارن پاران غيرقانوني طور پنجاب جي علائقي فيصل آباد واسي نوجوان اعجاز آرائين کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ رکي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، پوليس حراست ۾ تشدد سبب نوجوان اعجاز آرائين فوت ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر واقعي جو نوٽيس وٺي  سلطانپور ٿاڻي جي اھلڪارن اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، جمعدار درگاھ ڏنو، سپاھي يعقوب ۽ پنوعاقل ٿاڻي جي اھلڪارن اي ايس آءِ گل حسن سيلرو ۽ سپاھي نصير عارباڻي کي معطل ڪري مٿان سرڪار پاران ايس ايڇ او الھ وڌايو پتافي جي فرياد تي ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آھي، پوليس اھلڪارن سان فيصل آباد گڏ ويل سندس ماءُ شميم آرا ۽ ڀينرن صوبيہ ۽ عديلان کي بہ ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ ڄاڻايل سمورن اھلڪارن کي پنوعاقل ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو آھي.  ھوڏانھن ايس ايس پي سکر عرفان سمون پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تہ سمورا اھلڪار بنا اجازت جي 17 آگسٽ تي ڪارروائي لاءِ پنجاب ويا ۽ گرفتار ڪيل نوجوان اعجاز آرائين کي غيرقانوني طور حراست ۾ رکيو، جنھن دوران نوجوان فوت ٿي ويو. ايس ايس پي سکر موجب جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪاميٽي جوڙي آھي، جلد سموري حقيقت واضح ٿي ويندي.  ذريعن وٽان اھو معلوم ٿيو آھي تہ فيصل آباد واسي اعجاز آرائين پوليس پاران غيرقانوني حراست ۾ تشدد دوران فوت ٿيو، جنھن کي پوليس ٻہ ڏينھن تائين نامعلوم ھنڌ رکي تشدد ڪيو، اھي بہ اطلاع آھن تہ نوجوان جي قتل ۾ سندس ماءُ شميم آرا ء ڀينرون عديلا ۽ مسمات صوبيہ به شامل ٻڌايون وڃن ٿيون، جن جا نالا پڻ پوليس ايف آءِ آر ۾ درج ڪيا آھن. جڏهن ته پڪڙيل جوابدار اعجاز آرائين تي عبدالخالق جي فرياد تي سلطانپور ٿاڻي تي چوري جي ايف آءِ آر داخل ٿيل ھئي.

Read Previous

ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ پاڻي ۾ ڦاٿل شهرين کي ڪڍڻ لاءِ ٻيڙيون هلائڻيون پئجي ويون

Read Next

داد لغاري ۾ عورت سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش، رڙين تي جوابدار فرار، انصاف جي گهُر

Most Popular