ڪراچي جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، 3 سالن ۾ شهر کي تبديل ڪيو ويندو.: آرمي چيف

ڪراچي : آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڪراچي جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، ٽن سالن ۾ شهر کي مڪمل تبديل ڪيو ويندو.پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا ڪراچي ۾ واپارين سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ واپارين کيس مسئلن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي 2 هزار 600 ارب ساليانو ٽيڪس ڏئي ٿو، شهر جا مسئلا حل ڪيا وڃن.آرمي چيف جنرل قمر جاويدا باجوا چيو ته ڪراچي جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، شهر کي ٽن سالن ۾ مڪمل طور تبديل ڪيو ويندو، ان لاءِ مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ بزنس ڪميونٽي کي به نمائندگي ڏني ويندي.هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن کي تيزي سان حل ڪيو ويندو، شهر ۾ روڊن، پاڻي، بجلي ۽ گئس سميت سمورا مسئلا حل ٿيندا.

Read Previous

رياستي ادارا پنهنجي ڪم ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن،گم ڪيل شهري ڪاڏي ويا:چيف جسٽس

Read Next

حڪومت ۽ فوج ۾ مڪمل هم آهنگي آهي ۽ اسان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

Most Popular