حڪومت ۽ فوج ۾ مڪمل هم آهنگي آهي ۽ اسان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد  : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ۽ فوج ۾ مڪمل هم آهنگي آهي ۽ اسان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جمهوري طريقي سان اقتدار ۾ آياسين ۽ سڀني سياسي جماعتن کي چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي نشاندهي ڪن، حڪومت سنڀالڻ وقت ڪيترائي چئلينج هئا پر اسان معاشي سڌارن لاءِ قدم کنيا، ان باوجود راتورات معيشت کي درست نٿو ڪري سگهجي ۽ نٿا چاهيون ته اسان جي معيشت جو دارومدار قرضن تي هجي.هن چيو ته دنيا ڀارت جي مارڪيٽ کي ڏسندي ڪشمير مسئلي کي نظرانداز ڪري رهي آهي پر اسان ڪشمير جو آواز بڻجندا رهنداسين، ڀارت ۾ آر ايس ايس نظريي جي حڪمراني آهي، اسان چاهيون ٿا ته او آءِ سي ان مسئلي کي اٿاري، اسان اقتدار ۾ اچي ڀارت طرفان امن جو هٿ وڌايو پر بدقسمتي سان ڀارتي وزيراعظم امن جي آڇ کي قبول نه ڪيو.پاڪ فوج سان لاڳاپن بابت وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ فوج ۾ مڪمل هم آهنگي آهي ۽ اسان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڪ فوج حڪومت جي سڀني پاليسين جي حمايت ڪري ٿي، ڀلي افغانستان ۾ امن جو مسئلو هجي يا ڀارت جو، فوج جمهوري پاليسي تي ساٿ ڏيندي آهي.اسرائيل سان لاڳاپن بابت سندس چوڻ هو ته ڪجهه ملڪن طرفان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان فلسطين جو مسئلو حل نه ٿيندو، اسان جو معاشي مستقبل چين سان آهي ۽ هر ملڪ پنهنجي مفادن کي ڏسندو آهي، جڏهن ته سعودي عرب سان پاڪستان جا بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن.افغانستان تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته فوجي طاقت حل ناهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو حامي آهي، ڳالهين سان ئي مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي ٿو پر ڪجهه عنصر افغان امن عمل کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا.هن ڪورونا وائرس جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته اسان اکيون ٻُوٽي مڪمل لاڪ ڊائون جي پاليسي تي عمل نه ڪيو، ڇو ته اسان کي غريب عوام جو به خيال هو ۽ اسان جو فيصلو بهتر رهيو

Read Previous

ڪراچي جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، 3 سالن ۾ شهر کي تبديل ڪيو ويندو.: آرمي چيف

Read Next

پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس: نوازشريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

Most Popular