ملڪ ۾ پيل برساتن بعد دريائي وهڪرن ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري

سکر :  ملڪ ۾  پيل برساتن بعد دريائي وهڪرن ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري، گڊو ۽ سکر بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار، ڪچي جا علائقا صرفو پتڻ، فتو پتڻ، رضا ڳوٺ، ڪچو ٻنڊي، الف ڪچو ۽ شاهه ٻيلو پاڻي هيٺ اچي ويا، گڊو بئراج وٽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 66 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 53 هزار 453 ڪيوسڪ رڪارڊ، سکر بئراج وٽ سنڌو جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 97 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 73 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 77 هزار 617 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 76 هزار 92 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دريائي پاڻي ۾ چاڙهه بعد سکر بئراج وٽ بند ڪيل سمورن ڪئنالن جا در کوليا ويا آهن، ٻئي طرف سکر جي ڪچي وارن علائقن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ لڏ پلاڻ ڪري پڪي وارن علائقن ڏانهن وڃڻ جو سلسلو جاري آهي،

Read Previous

آسٽريا جي شهري برف ۾ دير تائين بيهڻ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

Read Next

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

Most Popular