صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

روهڙي: پاڪستان پيپلزپارٽي رهنما صوبائي وزير بلديات ۽ اطلاعات سيد ناصر حسين شاھ جي امڙ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي رهنما صدر لوڪل ڪونسل ايسوسيئيشن سنڌ سيد ڪميل حيدر شاھ جي ڏاڏي گذريل رات ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ انتقال ڪري وئي جنھن جي جنازي نماز اڄ ڪربلا ميدان روهڙي ۾ ادا ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ ٻڌايو پئي وڃي ته مرحومه شوگر ۽ گردن جي مرض ۾ مبتلا هئي جنهن جو ڪافي عرصي کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو ۽ گذريل رات هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي

Read Previous

ملڪ ۾ پيل برساتن بعد دريائي وهڪرن ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري

Read Next

رتوديرو: شهر جي قديمي قبرسات ۾ برسات جو پاڻي ٻڏل، انتظاميا گم، شهرين جو احتجاج

Most Popular