زيادتي جي ڪيسن ۾ ملوث ڏوهارين جي جنسي صلاحيت ختم ڪرڻ گهرجي: بشريٰ انصاري

ڪراچي: مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري چيو آهي ته زيادتي  ۾ ملوث ڏوهارين جا هٿ پير ڀڃي ان جي جنسي صلاحيت ختم ڪرڻ گهرجي.  موٽر وي زيادتي ڪيس تي نه صرف سڄو ملڪ سراچا احتجاج آهي پر سول سوسائٽي ۽ عوام طرفان به مطالبو ڪيو پيو وڃي ته ريب جي ڏوهارين کي سري عام ڦاهي ڏني وڃي. شوبز انڊسٽري ۾ به هن واقعي تي سخت ڪاوڙ نظر اچي رهي آهي ۽ زيادتي ڪندڙ ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.  موٽر وي واقعي بابت مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري سماجي رابطي جي سائٽ انسٽا گرام تي چيو آهي ته مان چاهيان ٿي ته زيادتي جي جوابدارن کي زنده رکيو وڃي، ان کي ڦاهي نه ڏني وڃي پر ان جا هٿ، پير  ڀڃي کين  بقايا زندگي گذارڻ ڏني وڃي جنهن  سان هو عورتن جي زندگي کي برباد ڪندا آهن. هن چيو ته اهڙن ماڻهن جي جنسي صلاحيت ختم ڪري ان جا هٿ ۽ پير ڀڃي ڇڏڻ گهرجن ته جيئن  هو ٻين جي لاءِ عبرت جو نشان بڻجي وڃن. بشريٰ انصاري چيو ته زيادتي جي ڏوهارين کي به ان  تڪليف سان زنده رهڻ گهرجي جنهن تڪليف ۾ هر روز ريپ جو شڪار يا تيزاب سان ساڙيل عورتون ۽  والدين(جن جي ٻارن کي زيادتي کان پوءِ ماريو ويندو آهي) محسوس ڪندا آهن.  هن چيو ته اهو سڀ ملڪ ۾ ان وقت تائين ٿيندو رهندو آهي جيستائين زيادتي جي ڏوهارين کي ائين سزائون نه ڏنيون وينديون ڇو ته ڦاهي ٿوري دير  جي سزا هوندي آهي ان ڪري اهڙن ماڻهن کي اهڙي سزا ڏئي عبرت جو نشان بنايو وڃي.

Read Previous

ارطغرل غازي جي اسريٰ بلجڪ اردو زبان سکڻ جي شروعات ڪري ڇڏي

Read Next

جاپان جي حڪمران پارٽي يوشيدي سوگا کي نئون وزيراعظم چونڊي ڇڏيو

Most Popular