ريلوي پوليس جا ڪراچي واسي سان ڪلور،نوجوان کان 4 لک ڦري ماري ماري بيهوش ڪري ڇڏيو

ڪورنگي : ڪوٽڙي مان ڪراچي لاء هلندڙ ٽرين تي چڙهندڙ نوجوان ڪراچي جي علائقي مهراڻ ٽائون جي ڳوٺ  محمد خان جي رهواسي ڪاشف ولد گداعلي سيلرو کي ريلوي پوليس جي اهلڪارن پڪڙي سندس تلاش ڪئي ته کيسي مان   4 لک روپيا نڪتا جيڪي هو خريد ڪيل ڪار جي رقم ادا ڪرڻ لاء پنهنجي چاچي داد محمد سيلروکان حيدرآباد مان وٺي واپس ڪراچي رچي رهيو هو 4 لک رقم ڏسندي ئي ريلوي پوليس کان انسانيت وسري وئي اهلڪارن  گرفتار ڪيل نوجوان مٿان وحشياڻو تشدد ڪري کائنس 4 لک 16 سئو روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري ورتي جڏهن ته هلندڙ ٽرين اندر ريلوي پوليس اهلڪار نوجوان تي  جسماني ۽ ذهني ٽارچر ڪندا رهيا جنهن سبب  متاثر نوجوان   پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو   آهي  متاثر  نوجوان ڪاشف کي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن ريلوي   پوليس حوالي ڪيو جتي به هن مٿان پوليس سخت تشدد ڪندي رهي کائنس زبردستي وڊيو بيان ورتو .سندس وارث ڪينٽ ريلوي ٿاڻي پهتا جتي وقاص نالي موجود ريلوي  پوليس عملدار متاثر نوجوان جي وارثن کان لاهور جو 11هزار 10 روپين جو چالان ڀرائي گرفتار نوجوان  کي آزاد ڪيو  متاثر نوجوان جيئن ئي گهر پهتو ته تشدد سبب بي حال بڻيل  حالت ڏسندي ئي سندس  ڀيڻ پڻ  صدمي ۾ بيوش ٿي وئي  جنهن جي  حالت به عليل ٿي وئي آهي  متاثر نوجوان جي وارثن   والد گداعلي سيلرو. ڏاڍي عبدالڪريم سيلرو. زاهدحسين .دلدار سيلرو ٻين ميڊيا آڏو احتجاج  ڪندي متاثر نوجوان ۽ نياڻي جي گهر اندر مفلوج بڻيل حالت ڏيکاريندي دانهيندي چيو ته ريلوي پوليس هفتو اڳ حيدرآباد مان واپس ڪراچي ايندڙ نوجوان کي سخت ٽارچر ڪري ذهني طور مفلوج بڻائي ناحق ڪيو آهي. هنن  آء جي ريلوي پوليس سميت  انساني حقن جي تنظيمن کان گهر ڪئي  4 لک هڙپ ڪرڻ لاء انسانيت کان غافل ٿي نوجوان مٿان وحشياڻو  تشدد ڪندڙ پوليس   اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ساڻن  انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

سيپڪو جا ملازم سراپا احتجاج، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پهتو، سهڪار جي خاطري

Read Next

ڏوڪري: چيمبر آف ڪامرس وڌندڙ بدامني، جوا، منشيات ۽ نقلي نوٽن جي ڪاروبار تي ڳڻتي جو اظھار

Most Popular