ڀٽ شاهه: شاعرن جي سرتاج بادشاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي تقريب موجهاري جو شڪار

ڀٽ شاه(رپورٽ:الاهي بخش ابڙو( شاعرن جي سرتاج بادشاه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 277عرس مبارڪ جي تقريب ڪورونا وائرس جي سبب موجهاري جو شڪار بڻيل .جنهن سبب ڪابه تياري عمل ۾ نه اچي سگهي,زائرين عقيدتمندن توڙي شهري پريشاني ۾ مبتلا ,تفصيل موجب:شاعرن جي سرتاج بادشاه شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 277هون عرس مبارڪ جي تقريبون ڪورونا وائرس جي سبب موجهاري جو شڪار ,عرس مبارڪ جي حوالي سان ڪابه تياري هن وقت تائين سامهون نه اچي سگهي آھي جيئن عرس مبارڪ ۾ باقي 15ڏينهن رهجي ويا , صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي طرفان ڪابه سرڪارر طور ميلي جي ميٽنگ منقعد نه ٿي سگهي ,عرس مبارڪ 14صفر تي شروع ٿيندو آھي ميلي جي حوالي سان ڪابه سرڪاري يا غير سرڪاري تياري نظر نه اچڻ لڳي ,هر طرف خاموشي نظر اڇڻ لڳي , ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي عرس مبارڪ جي تقريب جي اجازت ايس اوپيز تي سنڌ حڪومت ڏيئي ڇڏي آھي پر هن وقت تائين ڪوبه نوٽيفيڪش نه جاري ٿي سگهيو آھي , جيئن ته ٻئي پاسي ضلعي مٽياري ۾ نيوسعيدآباد جو بوائز ڪاليج۽ ھالا جو گرلز ڪاليج 1 پرنسپل 2عورت ليڪچررن 3ڪلارڪن 01 او ايس ۽ 2 پٽيوالن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ ڪري اڻ ڄاڻايل مدي تائين بند ڪيو ويو جنهن بعد پوري ضلعي ۾ ٻيهر خوف حراف پڙجي ويو آھي

Read Previous

نصيرآباد: شهر ۾ڪيميڪل، پائوڊر مان تيار ڪيل کير ۽ نقلي پتي جو وڪرو عام انتظاميا نوٽيس نه ورتو.

Read Next

سنڌ حڪومت پاران تعليمي ادارن ۾ ڪورنا ٽيسٽون ڪرائڻ جو فيصلو

Most Popular