لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 5 نوجوانن جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 5 نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن جي وارثن طرفان ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اقصيٰ دايو، افسانه دايو، رحمت خاتون سومرو، عبداللطيف سولنگي، ضياءُ الدين مغيري ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهر مان مختلف وقتن تي اسان جي پيارن انصاف دايو، غلام عمر مغيري، غلام مرتضيٰ سولنگي، شيراز احمد ۽ سندس ڀاءُ فراز احمد سومرو کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، پيارن جي آزادي لاءِ اسان مسلسل پر امن احتجاج ڪرڻ سان گڏ سندن آزادي لاءِ اپيلون ڪري رهيا آهيون، پر افسوس جو هن وقت تائين اسان جي دانهن ڪنهن به ناهي ٻڌي. هنن چيو ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جون سموريون خوشيون غم ۾ تبديل ٿي ويون آهن، جڏهن ته اسان جي گهرن ۾ قهرام متل آهي، جڏهن ته اسان پنهنجي پيارن کي ياد ڪندي روئيندا رهون ٿا، پر پوءِ به ڪو تدارڪ ڪرڻ وارو نه آهي. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف، وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي طور الڳ الڳ ريليون

Read Next

سنڌ ۾ پ ٽ الف جي 146 يونٽن تي غير حتمي نتيجن موجب 76 يونٽن تي بنا مقابلي اميدوار ڪامياب

Most Popular