صحت جي عالمي اداري ڪورونا ويڪسين جي ورهاست جو پلان تيار ڪري ورتو

جينيوا:  صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) طرفان ڪورونا ويڪسين جي ورهاست جو پلان تيار ڪيو ويو آهي.  صحت جي عالمي اداري ڪورونا ويڪسين پلان ۾ 60 کان وڌيڪ امير ملڪ شامل آهن. پروگرام تحت غريب ملڪن کي ويڪسين  جي فراهمي ۾ مدد ڪئي ويندي. ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ملڪ ڊبليو ايڇ او طرفان تيار ڪيل پروگرام جو حصو آهن. صحت جي عالمي اداري  جي مدد ڪندڙ ملڪن ۾ آمريڪا ۽ چين شامل نه هوندو. 2021 جي آخر تائين 2 ارب روپين جي ويڪسين ورهائي ويندي. گڏيل طور تي 156 ملڪ هن پروگرام ۾ شريڪ آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته اپريل تائين سمورن آمريڪن جي لاءِ ڪافي مقدار ۾ ڪورونا ويڪسين تيار هوندي.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسين جي ڪلينيڪل ٽرائل جو ٽيون مرحلو شروع

Read Next

نئين سال ۾ اوهان ڪهڙيون نيون ۽ دلچسپ ايموجيز استعمال ڪري سگهندا

Most Popular