نئين سال ۾ اوهان ڪهڙيون نيون ۽ دلچسپ ايموجيز استعمال ڪري سگهندا

لنڊن: هلندڙ سال جي شروعات ۾ دي يوني ڪوڊ ڪنسورشيم اعلان ڪيو هو ته هو عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب 2021 ۾ ڪابه نئين ايموجي پيش نه ڪندي پر هاڻ هنن 2021 جي لاءِ 200 جي ويجهو نيون ايموجيز پيش ڪيون آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب هي نئون ايڊيشن ايموجي 13.1 رليز جو حصو آهي جنهن ۾ مختلف اسڪن ٽولز جون ايموجيز به شامل آهن. نئين ايموجيز ۾ اهڙيون ايموجيز شامل آهن جنهن سان صارفين ڪافي حد تائين ريليٽ ڪري سگهن ٿا. پر هن نئين ايموجيز کي ڊيوائس ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن به تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي.

Read Previous

صحت جي عالمي اداري ڪورونا ويڪسين جي ورهاست جو پلان تيار ڪري ورتو

Read Next

مسلمان زائرين لاءِ خوشخبري: سعودي عرب عمرو مرحليوار بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular