زمبابوي جي حڪومت پنهنجي ٽيم کي پاڪستان جي دوري جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور:    زمبابوي جي حڪومت  پنهنجي ٽيم کي پاڪستان جي دوري جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. 3 ون ڊي ميچ 30 آڪٽوبر، پهرين ۽ 3 نومبر تي کيڏيا ويندا. پهريون ٽي ٽوئنٽي ميچ 7، ٻيون 8 ۽ ٽيون 10 نومبر تي کيڏيو ويندو. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪورونا ايس او پيز ۽ دوري جو شيڊول اڳ ئي زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو. حڪومت طرفان اجازت ملڻ جو ڊگهو امڪان ڏسندي مهمان ٽيم جي رانديگرن کي 3 گروپن ۾ ٽريننگ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو هو. شروعاتي طور تي 25 رانديگرن کي چونڊ ڪيو ويو آهي. پي سي بي هڪ ڏينهن وارا ميچ ملتان ۽ ٽي ٽوئنٽي راولپنڊي ۾ ڪرائڻ جي پلاننگ ڪري چڪو آهي.

Read Previous

آمريڪا کي سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا: چيني صدر

Read Next

سعيد اجمل زمبابوي جي خلاف سيريز ۾ نون رانديگرن کي آزمائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

Most Popular