پرڏيهي فوج جو افغانستان مان تڪڙو نڪرڻ غيردانشمنداڻو فيصلو آهي:عمران خان

عمران خان

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ممڪن آهي، اتان پرڏيهي فوج جو نڪرڻ غيردانشمنداڻو فيصلو آهي. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ لکيل پنهنجي مضمون ۾ عمران خان لکيو آهي ته هي وقت افغانستان ۽ خطي لاءِ اميد جو سونهري موقعو آهي، دوحا ۾ افغانستان جي حڪومت ۽ طالبان ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ افغان جنگ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. عمران خان لکيو آهي ته افغان جنگ مان اسان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان پاڻ ۾ جغرافيائي، ثقافت ۽ رشتن سان ڳنڍيل آهن، جيستائين اسان جي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن کي امن ۽ سڪون نصيب نه ٿيندو تيستائين پاڪستان به حقيقي امن نٿو حاصل ڪري سگهي. وزيرا عظم اهو به لکيو ته افغانستان ۾ طاقت ذريعي امن نٿو ڪرائي سگهجي، صرف افغانستان جي قيادت ۽ افغانين شموليت سان ئي پائيدار امن ممڪن آهي.  

Read Previous

پي سي بي جو نيشنل فريم ورڪ پاليسي تي اهم اجلاس سڀاڻي ملتان ۾ ٿيندو

Read Next

شاهد ڪپور نيٽ فلڪس سان هڪ سئو ڪروڙن جو معاهدو ڪري ڇڏيو

Most Popular