ايم ڪيو ايم ، پي ٽي آ ، جي ڊي اي واران پ پ خلاف هميشه اتحاد ٺاهيندا رهيا آهن:مراد علي شاهه

ڪنڌ ڪوٽ :  ڪنڌ ڪوٽ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي چيف سردار مير عابد خان سندراڻي جي ڀاءُ ماجد خان سندراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ  جي لاء وڏو وزير سيد مراد علي شاھ، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي، وزير اعلي صلاحڪار مير اعجاز خان جکراڻي،  ممتاز خان جکراڻي سميت  ٻين ڳوٺ دڙي سندراڻي پهچي ڪري تعزيت ڪئي انهي دوران وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته اسان جي دوست سنڌ اسمبلي جي ميمبر چيف سردار مير عابدخان سندراڻي جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي عذر خواهي ڪرڻ  آيا آهيون  سندس ڏک جي انهي گهڙي ۾  پيپلزپارٽي  به  گڏ آهي سنڌ کي ڪير به جدا نه ٿو ڪري سگهي سنڌ ڌرتي جي سپوت ڪڏهن به پنهنجي جيجل امڙ کي ٽوڙڻ  نه ڏيندا هي ايم ڪيو ايم جو پراڻي روايت بڻجي وئي آهي جڏهن ڪراچي جي ميئرشپ هئي ته اهي خاموش هئا هاڻي سندس ڪجهه نه آهي ته ٻيهر سنڌ کي تقسيم ڪرڻ  جون ڳالهيون ڪري پنهنجي ناڪام ٿيل سياست ڪري رهيا آهن پيپلزپارٽي ڪڏهن به سنڌ کي ٽوڙڻ  نه ڏينداسي سنڌ جي حفاظت ڪندا رهنداسي ايم ڪيو ايم ، پي ٽي آ ، جي ڊي اي واران پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي خلاف هميشه اتحاد ٺاهيندا رهيا آهن جيڪي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيا ۽ نه ٿيندا  وزير اعظم عمران خان پنهنجو آئيني اختيار استمعال ڪري آئون سنڌ جو وزير اعلي آهيان سنڌ جي ڳالهه ڪندس ته  هاڻوڪي برساتن سبب سنڌ اندر ٻوڏ جي صورت حال آهي جنهن ڪري سنڌ اندر متاثرين کي وفاق به مدد ڪري انهي وقت ڪورونا سبب معاشي نقصان ٿيو آهي ڪورونا وائرس موجود آهي جنهن کان بچڻ  جي لاء اسان کي ذميواري ادا ڪرڻي آهي جيڪي احتياط ٻڌايا ويا آهن انهي ته عمل ڪيو وڃي جئين هي وبا ختم ٿئي سگهي وڌيڪ ڦهلجي نه سگهي  ڪورونا سبب غريب مسڪين طبقو سخت متاثر ٿيو آهي ڪاروبار متاثر ٿيا آهن جنهن ڪري انهي متاثرين جي وفاق مدد ڪري جيڪو مٿان هڪ آئيني ذميوار به آهي ڪراچي ڪاميٽي ڪا به نه آهي ها وفاق ۽ سنڌ جي گڏيل هڪ ڪاميٽي آهي جنهن ۾  3 وفاقي وزير ۽ 3 صوبائي وزير شامل آهن  سنڌ اندر جيڪي پروجيڪٽ وفاق جا هلي رهيا آهن اهي  گڏجي ڏسنداسي جيڪي سنڌ اندر برساتي تباهي جي حوالي ڪم ڪنديون  شيخ رشيد سان ڪراچي سرڪل ريلوي جي حوالي سان هڪ ملاقات ٿئي آهي عدالت جي حڪم هو ڪراچي اندر ڪي سي آر تي عدالت جي حڪم تي ڪم ڪيو ويندو شيخ رشيد ڳالهيندو رهندو آهي جنهن کي حقيقت نه سهمجڻ  گهرجي  وفاق پاران دوائين جي قميتن ۾ واڌ جي مذمت ڪريان ٿو انهي وقت خاص ڪري سنڌ ۾  ڪورونا وائرس ۽ ماڪڙ سبب تباهي آهي غربت وڌي رهي آهي جنهن ڪري هي بار به غريبن جي مٿان پوندو چيف سردار مير عابد خان سندراڻي سان ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين صدر پيربخش بنگوار، جنرل سيڪريٽري راجا گوپي چند، بقا محمد بنگوار، علي حسن ملڪ، دليپ ڪمار ٺاڪر، لياقت علي کوسو، حضور بخش منگي، احمد مغل، غلام ياسين اوڳاهي، غلام مصطفي نندواڻي، غلام رسول ميراڻي، سليم ميراڻي، نصير منگي، عبدالغفار منگي، حفيظ ملڪ ، سميت ٻين سميت علائقي جي معززين شهري جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران عذر خواهي ڪئي،

Read Previous

خيرپورل آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز پاران مطالبن جي مڃتا احتجاج ڪندي

Read Next

منهنجو ساٿ اڳ به پيپلزپارٽي سان هيو هيئنر به پيپلز پارٽي سان آهي: رحيم بخش بوزدار

Most Popular