منهنجو ساٿ اڳ به پيپلزپارٽي سان هيو هيئنر به پيپلز پارٽي سان آهي: رحيم بخش بوزدار

رتوديرو :  بوزدار برادري جو چيف سردار رحيم بخش خان بوزدار اڳوڻو واپڊا چيف حاجي هوران خان طرفان سندس جي مان ۾ رکيل دعوت ۾ بوزدار هائوس رتوديرو پهتو برادري جي ماڻهن سان گڏجاڻي ڪئي، چيف سردار جي آمد تي برادري طرفان سندس جي جيئي ڀٽو جي نعرن سان شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي چيف سردار رحيم بخش خان بوزدار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جو واحد پارٽي آھي جيڪا جمهوريت تي يقين رکي ٿي پوري ملڪ ۾ آباد بوزدار برادري مونسان گڏ آھي، مان پيپلز پارٽي کان ڪڏهن به جدا نه هيس اڳ به پ پ پ ۾ هيس هئينر به پيپلزپارٽي ۾ آهيان ۽ سدائين پ پ پ سان ساٿ رهندو،آءُ امن پسند آھيان برادري کي اهو پيغام ٿو ڏيان ته امن ڀائيچارو قائم ڪيو پنهنجي اولاد کي تعليم جهڙي زيور سان سرشار ڪيو ڇو ته تعليم سان بهتري اچي سگهي ٿي، جهيڙا فساد قومن جي تباهي جو ڪارڻ بڻيا آهن۔جن جي حل لاء ڪوششون وٺون پيا، ان موقعي تي اڳوڻو ضلعه ڪائونسل ميمبر پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ ميرحاڪم علي بوزدار، وڏيرو علي گل خان بوزدار، وڏيرو محمد پناھ خان بوزدار، عبدالعزيز بوزدار، غلام محمد خان بوزدار، محمد يوسف بوزدار، غلام نبي خان بوزدار، رئيس قلندر بخش خان بوزدار، زوار خان بوزدار، محمد يوسف بوزدار. بخشل خان بوزدار. مختيار علي بوزدار، محمد زمان بوزدار، ميرخان بوزدار، عوامي پريس ڪلب رتوديرو صدر مظفر علي بوزدار، محمد صيفل بوزدار، حاجي انب خان بوزدار، محمد بخش بوزدار، ديدارخان بوزدار، فقير نثار احمد بوزدار، ذوالفقار علي بوزدار، صحبت خان، هشام خان. آغا جميل بوزدار، بابو عبدالغالق بوزدار سميت رتوديرو شهر سميت ڀرپاسي ۾ آباد وڏي انگ ۾ بوزدار برادري شرڪت ڪئي، جنهن بعد چيف سردار رحيم بخش خان بوزدار سردار آغا علي نواز خان جلباڻي طرفان ڏنل چانھ پارٽي ۾ شرڪت لاء مسوديرو پهتو،

Read Previous

ايم ڪيو ايم ، پي ٽي آ ، جي ڊي اي واران پ پ خلاف هميشه اتحاد ٺاهيندا رهيا آهن:مراد علي شاهه

Read Next

چوٽياريون ويجھو پيرومل نوجوان فورم پاران ٻئي سالگره ملهائي وئي

Most Popular