شهباز شريف کي نوازشريف خلاف استعمال ٿيڻ کان انڪار تي گرفتار ڪيو ويو: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پارٽي جي صدر شهباز شريف کي(ن) ليگ جي اڳواڻ نوازشريف جي خلاف استعمال ٿيڻ کان انڪار تي گرفتار ڪيو ويو. مريم نواز ٽوئٽ ڪندي چيو ته شهباز شريف ان ماڻهن جي هٿن ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو جنهن کيس ان جي ڀاءُ خلاف استعمال ڪرڻ چاهيو ٿي. هن نوازشريف جي خلاف بيهڻ جي بجاءِ جيل وڃڻ بهتر سمجهيو. شهباز اوهان کي سلام، اوهان ڪجهه به غلط نه ڪيو.  مريم نواز چيو ته جيڪڏهن هن ملڪ ۾ احتساب ۽ انصاف هجي ها ته شهباز شريف نه عاصم سليم باجوه  ۽ ان جو خاندان گرفتار ٿئي ها. هي انتقامي احتساب نوازشريف ۽ ان جي ساٿين جا حوصلا ختم نٿا ڪري سگهن. هاڻ اهو وقت پري نه آهي جڏهن هن حڪومت ۽ ان کي آڻيندڙن جو احتساب عوام ڪندو. مريم نواز وڌيڪ چيو ته اوهان شهباز شريف کي گرفتار ڪري به پنهنجي ڪوڙي ۽ جعلي مينڊيٽ کي نٿا بچائي سگهو.  شهباز شريف جي سربراهي ۾ مسلم ليگ(ن) جي وفد اي پي سي ۾ جيڪي به فيصلا ڪيا مسلم ليگ(ن) جو هر ڪارڪن ان واعدن تي ثابت قدم رهندو. انشاءَالله اڄ اسان سڀ شهباز شريف سان  گڏ آهيون.

Read Previous

سنڌ مان چونڊيل پارٽي ڪراچي وارن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: عمران خان

Read Next

مني لانڊرنگ ڪيس: عبوري ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ نيب شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو

Most Popular