مني لانڊرنگ ڪيس: عبوري ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ نيب شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ نيب کيس گرفتار ڪري ورتو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڏيو. عدالت طرفان ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ نيب اختيارين شهباز شريف کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.  شهباز شريف جي گرفتاري کان پوءِ عدالت جي ٻاهران موجود ليگي ڪارڪنن نيب ۽ حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي ليگ ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ هاٿا پائي به ٿي.  واضح رهي ته عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 24 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي هئي.

Read Previous

شهباز شريف کي نوازشريف خلاف استعمال ٿيڻ کان انڪار تي گرفتار ڪيو ويو: مريم نواز

Read Next

طيب اردوان آذربائيجان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular