ڀارت نئين سال جي شروعات ۾ ڪورونا ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

نئين دهلي: :  ڀارت جي صحت واري وزير ڊاڪٽر برش وردهن دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ سال جي شروع ۾ ملڪ ۾ تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين مارڪيٽ ۾ ملي سگهندي.  ڀارتي ميڊيا موجب صحت واري وزير ۽ صحت جي عالمي اداري جي ايگزيڪٽو بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر برش وردهن دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت ۾ 2021 جي  پهرين ٽن مهينن جي اندر مارڪيٽ ۾ ويڪسين ملي سگهندي. ڊاڪٽر برش وردهن وڌيڪ چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 3 ويڪسينن جو ٽرائل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ حوصلا ڏيندڙ نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. جاري تحقيق جي نتيجن کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته ڪورونا ويڪسين 2021 جي پهرين ڇهن مهينن جي اندر ملي سگهندي.

Read Previous

ڇا ٻارن جو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو خطرو گهٽ آهي؟

Read Next

غير معياري مواد جي پکيڙ سبب ٽوئٽر پنهنجو نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

Most Popular