ڪراچي ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي: نو شادي هال ۽ هڪ سئو اوڻهٺ هوٽلون سيل

ڪراچي: :ڪراچي ۾ ڪورونا وبا  جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ کان پوءِ شهري انتظاميه جي آپريشن جو ٽيون ڏينهن مڪمل ٿي ويو جنهن جي تحت 3 ڏينهن ۾ هينئر تائين 9 شادي هال ۽ 159 هوٽلون سيل ڪيون ويون آهن.  رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي شهري انتظاميه جو آپريشن جاري آهي جنهن جي تحت شهر جي 6 ضلعن جي 225 شادي هالن ۾ 26 جو معائنو ڪيو ويو. جنهن مان 7 کي وارننگ ۽ 2 کي سيل ڪيو ويو آهي.  ضلعي انتظاميه موجب 3 ڏينهن ۾ هينئر تائين 9 شادي هالن کي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سيل ڪيو ويو آهي.  ٻئي طرف شهري انتظاميه جي آپريشن جي ٽئين ڏينهن 181 هوٽلن جو به معائنو ڪيو ويو جنهن مان 131 هوٽلون ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏٺيون ويون جڏهن ته 67 هوٽلن کي وارننگ ڏني وئي ۽ 41 کي سيل ڪيو ويو.  ڪراچي ۾ گذريل  3 ڏينهن جي دوران ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي هينئر تائين 159 هوٽلون سيل ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 7 دڪانون، فيڪٽريون ۽ ميڊيڪل اسٽورن کي به سيل ڪيو ويو آهي ۽ هڪ لک 30 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

Read Previous

سياري جي موسم ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر جو سبب بڻجي سگهي ٿي: عمران خان

Read Next

ڀارتي بحريه جو جهاز ڪري تباهه، ٻه نيوي اهلڪار فوت

Most Popular